اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??عو???? عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ??نو آهي، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ??عو??ي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ وفد جو دورو پاڪ ??عو??يه اسٽريٽجڪ ۽ واپاري حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي جڏهن ته ??عو??ي پرڏيهي وزير فيصل فرحان ال??عو?? پاڪستان ۽ ??عو???? عرب جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري، حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??عو??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??عو??ي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ال??عو?? جي قيادت ۾ ??عو??ي وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقا?? ڪئي. ??عو??ي وفد ۾ سيڙپڪاري وارو نائب وزير انجنيئر ابراهيم بن يوسف المبارڪ، ماحوليات، پاڻي وسيلن ۽ زراعت وارو ??عو??ي وزير انجنيئر عبدالرحمان بن عبدالامحسن آلفضلي، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو ??عو??ي وزير انجنيئر بندر بن ابراهيم بن عبدالله آلخريف ۽ اعليٰ ??عو??ي عملدار ۽ سفارتي اهلڪار شامل هئا جڏهن ته ملاقات ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، سيد محسن رضا نقوي، ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبر رومينه خورشيد عالم ۽ حڪومتي عملدار پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم وفد جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ ??عو??ي قيادت، خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدالعزيز آل ??عو?? ۽ شهزاده محمد بن سلمان آل ??عو?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. ملاقات ۾ وزيراعظم ??عو??ي وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??عو???? عرب سان پاڪستان جي پراڻي ڀائراڻن، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ??نو آهي. ??عو??ي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل ??عو?? پاڪستان ??عو??يه لاڳاپن جي مضبوطي، واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??عو??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم وفد کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ سمورن ادارن جي تعاون ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي اهم ڪردار تي پڻ روشني وڌي. ملاقات ۾ فلسطين جي والاريل علائقن جي خراب ٿيندڙ صو??تح??ل تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ??عو??ي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ??عو???? عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جنهن جو مثال نٿو ملي. ??عو???? عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو. مڪه ۾ هن مهيني ??عو??ي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان پنهنجي شاندار ۽ مفيد ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس دوري جي فوري پوءِ ??عو??ي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ ??عو??ي وفد جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده آهي ۽ ان سان گڏيل طور تي مفيد اقتصادي تعاون جي خصوصي حوالي سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ٻنهي ملڪن جي پختي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين کي نئين انتظام تحت پاڪستان ۾ ??عو??ي سيرپڪاري جي لاءِ پهرين مرحلي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جو دورو ??عو??يه اسٽريٽجڪ واپاري حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڀائر ملڪن سان حصيداري کي گڏيل طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. پاڪستان ??عو???? عرب پاران سيڙپڪاري وڌائڻ تي ??عو??ي قيادت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جا پاڪستان پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. ??عو??ي وفد جو پاڪستان جو دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي ??عو???? عرب جي دوري جي ڏس ۾ ٿي رهيو آهي.