مڪه المڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيرا??ظم شهزاده محمد بن سلمان ??ن عبدالعزيز السعود پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي پهرين مرحلي کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري ??يا?? موجب سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيرا??ظم شهزاده محمد بن سلمان ??بدالعزيز السعود ۽ وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف جي وچ ۾ باضابطا ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيرا??ظم شهزاده محمد بن سلمان ??ن عبدالعزيز السعود ۽ وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف الص??ا پيلس مڪه المڪرمه ۾ هڪ باضابطا ملاقات ڪئي. سعودي ولي عهد وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف سعودي عرب جي اڻٿڪ حمايت ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جو محور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ تي هو. ملاقات ۾ پاڪستان ??ي معيشت ۾ سعودي عرب جي تعاون کي ساراهيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان ??عاون وڌائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ 5 بلين ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي پهرين فيز کي جلد کان ??لد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين کي روڪڻ، انساني جاني نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي ته جيئن هو پنهنجي غيرقانوني قدمن کان پاسو ڪري ۽ عالمي قانونن جي پاسداري ڪري. ٻنهي اڳواڻن غزه تائين بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي پهچ جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن سان گڏوگڏ عرب امن قدمن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جو مقصد هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي، جي قيام جي لاءِ هڪ منصفاڻو ۽ ٺوس حل ڳولڻ آهي. ٻنهي ڌرين خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف ولي عهد کي جلد کان ??لد پاڪستان ??و سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي ولي عهد قبول ڪري ورتو.