اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي ط??فن کان گڏيل دلچسپي ج?? سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ سيڪيورٽ?? سميت ٻط??فن معاملن جي هڪ وسيع رينج بحث هيٺ آئي. علائقائي اهميت جي مختلف معاملن بشمول غزه جي صورتحال، بحيره احمر ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ط??فن کان ٻط??فن لاڳاپن ?? موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.