اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنگاپور جي ڪاروباري ادارن سان ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري رابطن جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ?? سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذر??عو بڻجي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته سنگاپور جي ڪاروباري ادا??ن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سنگاپور ۾ پاڪستاني خوراڪ ?? زرعي مصنوعات جي برآمدات جا موقعا ڳولڻ گهرجن. پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ?? سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذر??عو بڻجي سگهي ٿو. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني افرادي قوت سنگاپور موڪلڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري رابعه شفيق کي بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.