اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ا??ران جي گڏيل فائدي جي لاءِ و??پا??ي ۽ ا??تصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. ايراني سفير صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان ٻنهي جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ و??پا??ي ڪاٿي، بئنڪنگ تعاون ۽ فضائي ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان چاهه بهار – زاهدان ريل روڊ سان وچ ايشيا، يورپ ۽ ترڪيءَ سان و??پا??ي جي لاءِ فائدو کڻي سگهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پاڪ ايران لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملندي. هن ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئي??ي پاران صدر جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو.