اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ت??زانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي م??اورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ڳالهين ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته ??نز??نيه جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۽ اوڀر آفريقي تعاون جي ڊائريڪٽر ايشيا سالواتور ايمبيليني ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ت??زانيه جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ??نز??نيه آفريقي کنڊ ۾ پاڪستان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آهي. ٻطرفي سياسي م??اورت جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر ??ڻا??ڻ جي اسان جي گڏيل خواهش کي نظر ۾ رکندي ٿي آهي. هن چيو ته ٻطرفي سياسي م??اورت پاڪستان ۽ ت??زانيه جي وچ ۾ مشغوليت ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ اهم اداراجاتي فريم ورڪ طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، تعاون جون نيون راهون ڳولينديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.