اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي، اڄ ريڊ??و جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻڌندڙن کي فوري معلومات فراهم ڪري رهيو آهي، ريڊيو هڪ اهڙي درسگاهه بڻجي چڪو آهي جيڪو نوجوانن کي تربيت ۽ تعليم تائين پهچ فراهم ڪري رهيو ??هي. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڦيٿو ڪاٽي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات تي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سميت سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي س??را??يندي چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي ريڊ??و جي پروگرامن جي لاءِ تربيت جو بي مثال ادارو هو جيڪو مالي مشڪلاتن جي ڪري غيرفعال ٿ?? ويو هو. هن چيو ته اڄ هن اڪيڊمي کي ٻيهر فعال ٿ??ندي ڏسي خوشي ٿي رهي ??هي. هن چيو ته مُون پاڻ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي ۽ انگريزي سميت ڪيتريون ئي زبانون ريڊ??و جي مدد سان سکيون آهن. هن چيو ته موجوده دور جا نوجوان خوش قسمت آهن، اسان جي دور ۾ انٽرنيٽ جهڙيون جديد سهولتون ميسر نه هيون. هن چيو ته اڄ ريڊ??و جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻڌندڙن کي معلومات فراهم ڪري رهيو آهي، ريڊيو هڪ اهڙي درسگاهه بڻجي چڪو آهي جيڪو نوجوانن کي تربيت ۽ تعليم تائين پاڻ هلي پهچ فراهم ڪري رهيو ??هي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي جيڪا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي نوجوانن کي زوم ذريعي پنهنجي تربيتي پروگرامن ۾ شامل ڪري رهي ??هي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا جي ڪنهن به حصي مان ريڊ??و جي پروگرامن جو حصو بڻجي سگهجي ٿو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ريڊيو پاڪستان اڪيڊمي جي پهرين تربيتي پروگرام ۾ سڄي پاڪستان مان نوجوانن جي شرڪت حوصلي جوڳي ??هي. هن چيو ته ميڊيا نئين انقلاب خاص طور تي مصنوعي ??هانت جي تصور سان هم آهنگ ٿي چڪي آهي، هن اڪيڊمي جي ذريعي ??يڊيو پاڪستان جي عملي کي به تربيت فراهم ڪئي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي پهرين تربيتي پروگرام ۾ 107 نوجوان شريڪ ٿي رهيا اهن جن ۾ 35 عورتون شامل آهن.