اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??رتضيٰ سولنگي پارليامينٽ هائوس جي پر??س گيلري جو دورو ڪيو ۽ صحافين مان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن. هن چيو ته صحافي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو اهم ٿنڀ آهن، صحافي معاشر?? جي لاءِ هڪ آئينو آهن، اهي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزاد?? جي تحفظ جي لاءِ پڻ قدم کنيا. ان موقعي ت?? صحافين پر??س گيلري جو دورو ڪرڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??رتضيٰ سولنگي جا ٿورا مڃيا. هنن مرتضيٰ سولنگ?? جي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان نگران حڪومت جي دور ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو.