ڪراچي-08 فيبروري(اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران ??ان ٽيسوري مجموعي طور تي پرامن چونڊون ٿيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انتظاميه کي واڌايون ڏيندي چيو ته سڄو ڏينهن چونڊ عمل کي مانيٽر ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انتظاميه سان به رابطي ۾ رهيس. گورنر هائوس جي پريس رليز مو??ب گورنر وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو عملو ۽ بهترين ڪوريج تي ميڊيا به ??اڌاين جي مستحق آهي. افواهن جي ابتڙ صوبي ۾ مجموعي طور تي پرامن چونڊون سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته عوام به ??بارڪن جو مستحق آهي جنهن پنهنجي پسند جي اميدوار کي ووٽ ڏنو. اميد آهي ته نئين چونڊيل حڪومت عوام جي مسئلن کي حل ۽ معيشت جي بحالي جي ڏس ۾ قدم کڻندي.