اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته چونڊن ۾ عوام جي فيصلي جي تڪميل جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو، چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينجز به وڏا هوندا، نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي، نيوز ليٽر جا??ي ڪرڻ تي پي ٽي وي جي ادارتي ٽيم کي ??بارڪباد ڏيان ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي نيوز ليٽر جا??ي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته هڪ نشرياتي اداري پاران نيوز ليٽر جا??ي ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. هن ??يو ته مون صحافت جي شروعات پرنٽ رپورٽنگ سان ڪئي هئي، دي نيوز اخبار جي لانچنگ ٽيم جو حصو هئس جنهن جي پهرين اخبار 11 فيبروري 1991ع تي شايع ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. جهڙي طريقي سان اسان ڊيجيٽل دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ان جا چئلينجز به ايترا ئي وڏا آهن، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڊيپ فيڪ، وائيس ڪلوننگ جهڙا وڏا چئلينجز موجود آهن. هن ??يو ته پي ٽي وي کي ??نهنجي مستق??ل کي روشن بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ڊيجيٽل پراڊڪٽس جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن ??يو ته نگران دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن غيرجانبدار قومي نشرياتي اداري طور تي ڪم ڪيو، پي ٽي وي ڪنهن خاص پارٽي، ڪنهن خاص سياسي نظريي ۽ ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ڪا مهم نه هلائي. هن ??يو ته پاڪستان جي عوام چونڊن ۾ پنهنجو فيصلو ڏنو آهي، ان فيصلي جي تڪميل جي لاءِ جلد قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن ??يو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جيئن ئي سرڪاري نتيجا جا??ي ڪندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن ??يو ته چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينجز به وڏا هوندا. نگران وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان ٽيليويزن جو بنيادي مقصد تبديل نه ٿيندو، پي ٽي وي عوام جي ٽيڪس جي پئسي سان هلي ٿي، پي ٽي وي عوامي مفاد کي ??ظر ۾ رکندي پروگرام جوڙيا آهن. هن ??يو ته پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي آهي، پي ٽي وي کي ??نهنجو اهو مشن جاري رکڻو آهي. هن ??يو ته نگران حڪومت جي دور ۾ ملتان ٽيليويزن سينٽر جي 24 ڪلاڪ نشريات شروع ٿي، بلوچستان ۾ پي ٽي وي بولان تي بلوچي ۽ براهوي زبانن سان گڏوگڏ هزارگي زبان ۾ پڻ پروگرام شروع ڪرايا. هن ??يو ته پي ٽي وي جتي رياست جي ترجمان آهي اتي عوام ۽ عوامي مفاد جي پڻ ترجمان آهي، اداري جو سٺو مستقبل سٺي ڪارڪردگي سان واڳيل آهي، بهتر ڪارڪردگي، بهترين ٽي وي اسڪرين، بهترين پروگرام ئي عوام جي اعتماد جو سبب بڻجندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير نيوز ليٽر جا??ي ڪرڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري، ايم ڊي پي ٽي وي، پي ٽي وي انتظاميا ۽ ادارتي ٽيم کي ??بارڪباد ڏني.