اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ريشين فيڊريشن ڪائونسل جي روس – پاڪستان فرينڊ شپ گروپ جي سر??را??ه سينيٽر ولاد مير چيزوف ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب سينيٽر چيزوف 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ عالمي مبصر طور پاڪستان جو دورو ڪ??ي رهيو آهي. نگران پرڏيهي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي لا??ِ پاڪستان جي عز?? تي زور ڏنو ۽ پرامن ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ چونڊ عمل ۽ سيڪيورٽي انتظامن جي وضاحت ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل فائدي جي لا??ِ پاڪستان روس ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.