ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، ن??ريات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگران وفاقي وزير مر??ضي?? سولنگي سان اطلاعات واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ملاقات ڪئي. جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ويجهي تعاون، عام چونڊن جي انتظامن، صحافين کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ۽ ٻين لاڳاپيل ??عا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير نگران وفاقي وزير کي صوبي ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عام چونڊن جي لاءِ ضروري فنڊز جاري ڪيا ويا آهن ?? امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگران وفاقي وزير مر??ضي?? سولنگي چيو ته سنڌ صوبي کي پرامن ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. ان موقعي تي سنڌ جو سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز محمد سليم خان پڻ موجود هئا.