اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ شاهراهه دستور تي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو. واڪ ۾ اطلاعات، ن??ريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد ۽ ثقافت واري نگران وفاقي وزير سميت هر شعبي سان تعلق رکندڙ عوام جي وڏي ان?? شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن پاران والاريل ڪشمير جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت ??يش ڪيوويو. واڪ جي شرڪت ڪندڙن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪ??مير ۾انساني حقن جي پائمالين ۽ ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف بينرز ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا. شرڪت ڪندڙن پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪ??مير ۾ڀارتي رياستي دهشتگردي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن ريلي پاران ڪشمير ٺهندو پاڪستان جا نعرا هنيا. والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت ??يش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.