ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ت?? خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين ۽ غيرملڪين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? رهي آهي، ا??س آءِ ايف سي جو غيرملڪي سيڙپڪارن جي اعتمادسازي ۾ اهم ڪردار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين اجلاس جي موقعي ت?? پاٿ فائنڊرز بريڪ فاسٽ جي ت??ريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي سوال جو جواب ڏيندي ڪيو. ان حوالي سان وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا ايڪس تي ان تقريب جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. وڊيو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ت?? ايس آءِ ايف سي ٻين ادارن سان گڏجي ڪم ڪر?? رهي آهي، پاڪ فوج سميت حڪومت جا سمورا ادارا ان جو حصو آهن، پاڪ فوج غيرملڪي سيڙپڪارن جي تحفظ سميت ٻين معاملن ۾معاونت فراهم ڪر?? رهي آهي، ا??س آءِ ايف سي جو غيرملڪي سيڙپڪارن تي اعتمادسازي ۾ اهم ڪردار آهي.