اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گذريل هفتي گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان ??ار??ي سپريم ڪورٽ جي ??ار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير بابت تازي فيصلي جي غيرقانوني حيثيت طرف ڇڪرايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران پرڏيهي وزير انهن خطن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي قانون تحت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلا گڏيل قومن جي سالامتي ڪائونسل جي قر??رد??دن کان هٽي نٿا ڪري سگهن ۽ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي جي حيثيت ??ي تبديل نه ٿا ڪري سگهن. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت پنهنجي قر??رد??دن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ??ار?? تي زور ڏي ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي سمورن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قر??رد??دن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.