ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ ??اڪ??تان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس ف??ئونڊيشن جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس ف??ئونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ٽيليفون ڪئي جنهن ۾ ??اڪ??تان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيرا??ظم هن وقت گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري تي آهي. ٽيليفون ڪال دوران نگران وزيرا??ظم ۽ بل گيٽس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيل پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو. نگران وزيرا??ظم ??اڪ??تان کي پوليو کان محفوظ ملڪ بڻائڻ جي حڪومت جي ڪوششن ۾ گيٽس ف??ئونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو. هن ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ نگران وزيرا??ظم بل گيٽس کي سڄي ??اڪ??تان ۾ جاري پوليو ويڪسينيشن مهم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ اهو ته غذائي کوٽ جي مسئلن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي موضوعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيرا??ظم حڪومت ۽ بي ايم جي ايف جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ??يو ته ??اڪ??تان حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ ??اڪ??تان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بي ايم جي ايف جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.