اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو آهي ته ڪش??ير??ن ۽ فلسطينين کي حق ڏيڻ بدران قتلِ عام ڪرڻ ظلم جي انتها آهي، ا?? آءِ سي ڪردار ادا نه ڪيو ته باقي دنيا به محفوظ نه رهندي، پوري ڪش??ير?? قوم فلسطينين سان گڏ آهي. اهڙو اظهار هنن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جماعت اسلامي آزاد ڪشمير جي انتظام هيٺ ڪشمير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مقررن ۾ حسن ابراهيم، محمود ساغر، غلام محمد صفي، مولانا امتياز صديقي، عبدالرشيد ترابي ۽ ٻيا شامل هئا. جماعت اسلامي جي امير ڊاڪٽر محمد مشتاق خان چيو ته آمريڪا کي جانبدار پاليسين سبب دنيا امن کان محروم آهي، ڪشمير ۽ فلسطين 75 سالن کان ظلم جو شڪار آ??ن، هندستان ۽ اسرائيل ڪش??ير??ن ۽ـ فلسطين جو رت پاڻيءَ وانگر وهائي رهيا آهن. ڪش??ير?? تڪميل پاڪستان جي جنگ وڙهي رهيا آهن. ڪش??ير?? ۽ فلسطيني آزاديءَ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آزاد ڄمون ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته جماعت اسلامي ڪشمير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس رٿڻ احسن قدم آهي ۽ او آءِ سي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ۽ ڪش??ير??ن ۽ فلسطينين تي ظلم جو سلسلو بند ڪري. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري ياسين چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، اسلامي ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي جي صدر حسن ابراهيم چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٻارن کي مارڻ، عورتن سان زيادتي سميت انساني حقن جون خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. ان موقعي تي حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر محمود ساغر، تحريڪ حريت جي ڪنوينر غلام محمد صفي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فلسطين ۽ ڪشمير هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ٻنهي جي تڪرارن جي شروعات 1947ع کان ٿي آهي، گڏيل قومون 1948ع ۾ فلسطين ۽ ڪش??ير??ن جي عوام کي خوداراديت ڏيارڻ جو وعدو ڪيو هو جيڪو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو آهي. فلسطيني پنهنجي رياست بحال نه ڪرائي سگهيا ته ڪش??ير??ن کي به گڏيل قومن جي سرپرستيءَ ۾ خوداراديت وارو حق نه ملي سگهيو. عالمي ادارا گڏيل قومن طرفان فلسطين ۽ ڪشمير بابت پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪاميءَ سبب ٻئي اولهه ۽ ڏکڻ ايشيا جا خطا فوجي تڪرار جي صورت ۾ عدم استحڪام جو شڪار آ??ن. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته لکين ماڻهو پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي چڪا، ڪروڙين زخمي ۽ بي گهر ٿي چڪا آهن، شهري انفراسٽرڪچر ۽ ماڻهن جي زندگين کي پهتل نقصان جو حساب لڳائڻ مشڪل آهي. هنن چيو ته جنگي ڏوهن، ا??سانيت خلاف ڏوهن، نسل ڪشي جي حدن کي ڇُهندڙ انساني حقن جي خلاف ورزين جو جائزو وٺڻ لاءِ امدادي تنظيمون ۽ گڏيل قومن جا مبصر آزاداڻو ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي رسائي ڪن ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ڪردار ادا ڪن.