ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران چين جي خودمختيار ص??بي سنڪي??نگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو جتي هن سنڪي??نگ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي سنڪي??نگ يونيورسٽي جي صدر يائو ڪي??نگ ۽ اڪيڊميا جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسڪالرز، محققين، تعليمي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته سندس سنڪي??نگ جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار لاڳ??پن ۾ سنگ ميل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن گڏيل امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي هر طرح جي وقت ۽ حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چين پاڪستان ??قتصادي لنگهه جي حوالي سان ??نڪي??نگ جي اهميت کي اجاگر ڪندي قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي سنڪي??نگ سان ??اريخي رابطن جو ذڪر ڪيو. سنڪي??نگ ۽ گلگت بلتستان ??ي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي حوالي سان ??ڪر ڪندي نگران وزيراعظم بنيادي ڍانچي جي ترقي، اقتصادي هم آهنگي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليمي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻ??هي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سنڪي??نگ سان ??صيداري جي لاءِ پاڪستان ??ي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻ??هي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳ??پن کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاگردن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي نوجوانن مان ??ن اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ ان ??وستي ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. ان کان ??ڳ نگران وزيراعظم کي يونيورسٽي جي هسٽري ميوزيم ۾ 99 سال پراڻي سنڪي??نگ يونيورسٽي جي تاريخ بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.