اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ اي سان لاڳاپيل معاملن بابت جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي جو ??فص??لي جائزو ورتو ويو. اج??اس کي پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال ??ابت آگاهه ڪيو ويو. اج??اس ۾ نگران وفاقي وزيرن شمشاد اختر، فواد حسن فواد، هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال ۽ نجڪاري بابت ??فص??لي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم سان لاڳاپيل سمورن قدمن جي هدفن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ باقاعدگي سان ان بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين حڪومت ان جي هر ممڪن معاونت ڪندي رهندي. خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد کان جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچائينداسين. هن هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪري جلد کان جلد مڪمل ۽ نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي بابت باقاعدگي سان آ??اهه ڪيو وڃي.