اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري نگران وفاقي وزير محمد سميع سعيد چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان جاري آهي، جڏه?? ته نگران حڪومت سي پيڪ تحت جاري ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽر آف ايڪسيلينس، سي پيڪ جي انتظام هيٺ ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو: گڏيل خوشحالي جي راهه هموار ڪرڻ“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ان موقعي تي خاص مهمان هو. ڪانفرنس ۾ وائيس چانسلر قائداعظم يونيورسٽي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، سي پيڪ ۽ ملڪ جي مشهور پاليسي سازن ۽ ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ٽيون بيلٽ اينڊ روڊ فورم 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندو. سيمينار کي خطاب ڪندي رٿابندي واري نگران وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان جاري آهي جڏه?? ته سمورن منصوبن جي سخت نگراني رٿابندي واري وزارت طرفان ڪئي پئي وڃي ته جيئن منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. نگران وفاقي وزير چيو ته 2013ع ۾ پنهنجي آغاز کان ئي سيڪيورٽي خ??شن?? سياسي عدم استحڪام ۽ ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا جهڙا چئلينج درپيش هجڻ جي باجود چين ۽ پاڪستان ٻنهي سي پيڪ لاڳو ڪرڻ لاءِ ??رعزم آهن، هن چيوته قائداعظم يونيورسٽي ۾ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن تي تحقيق لاءِ جديد ارٿ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، هي سينٽر چين جي تعاون سان معدنيات جي شعبي کي جديد بڻائڻ ۽ ان ۾ قيمتي وسيلن جي ڳولا لاءِ ڪم ڪندو. هن چيو ته هن وقت تائين سي پيڪ تحت 31 مختلف منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، انهن منصوبن تي 32 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي جڏه?? ته ملڪ ۾ 4 خصوصي صنعتي زونز ٺاهيا ويا، نگران وفاقي وزير چيو ته چين سان زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آءِ ??ي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ان سيمينار کي منعقد ڪرڻ تي سينٽر آف ايڪسيلينٽ سي پيڪ ۽ رٿابندي واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو جيڪو خاص طور تي اهڙي وقت ۾ وڏي اهميت وارو آهي جڏه?? ته ايندڙ هفتي بي آر آءِ ??ورم شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي. سي پيڪ جي 10 سالن جي ڪاميابي واري سفر تي روشني وجهندي چيني سفير چين ۽ پاڪستان ٻنهي جي اڳواڻن جي رهنمائي جي ذريعي حاصل ڪيل شاندار ڪاميابين جي واکڻ ڪئي. هن 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي تاريخي دوري جو ذڪر ڪيو جنهن سي پيڪ جي وڏي پئماني تي تعمير کي تيز ڪيو ۽ اهو سفر اڄ تائين ڪاميابي سان پنهنجي منزل طرف جاري آهي، چيني سفير چيو ته بي آر آءِ ??لڪن وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ جو منصوبو آهي جڏه?? ته پاڪستان سان زراعت، آءِ ??ي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ معدنيات ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. چين جي سفير چيو ته پاڪستان انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي جڏه?? ته پاڪستان کان مصنوعات جي امپورٽ ۾ اضافو انتهائي اهميت وارو آهي جڏه?? ته روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ بهتر پاليسي جي جوڙجڪ ۽ عملي قدم اڻٽر آهن، چيني سفير پاڪستان طرفان چيني ورڪرن کي سيڪيورٽي جي فراهمي جي حوالي سان کنيل قدمن کي به ساراهيو، چين جي سفير رٿابندي واري وزارت طرفان جوڙيل پاليسين کي ساراهيندي رٿابندي واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪيو.