لنڊن – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني لنڊن ۾ ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز ميٽنگ ۾ ماحولياتي تبديلي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزي?? چيو ته ماحولياتي تبدي??ي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ دولت مشترڪه جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻو پوندو. جليل عباس جيل??ني چيو ته دولت مشترڪه ملڪن کي موسمياتي تبديلي پروگرام جي تج??بن مان فائدو کڻڻو پوندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن موسمياتي تبدي??ي کي منهن ڏيڻ ۾ نوجوانن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. نگران پرڏيهي وزي?? چيو ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جو شڪار آهن. هن موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ دولت مشترڪه جي قومن کي گڏيل جدوجهد جي اپيل ڪئي.