لنڊن – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز جي ??هين اجلاس جي موقعي تي لنڊن ۾ سريلنڪا جي يوٿ افيئرز اينڊ اسپورٽس جي وزير روشن رانا سنگا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن نوجوانن جي ترقي جي ??ڏيل موقعن ۽ تعاون تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن راندين ۽ تعليم جي شعبن ۾ خصوصي طور تي ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نوجوانن جي معاملن ۾ اڳ ۾ ئي تعاون ج??ري آهي جنهن کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو.