اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي ڌيان ڏيڻ جي ضرور کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا ??اڳ??پا آهن ۽ اميد آهي ته اهي ??اڳ??پا مستقبل ۾ وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. سفير ترڪمانستان جي قيادت پاران نگران و??يراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. نگران و??يراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران نگران و??يراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا ??اڳ??پا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي ??اڳ??پا وڌيڪ وڌندا. هن خاص طور تي واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن توانائي ۽ بجلي جي م??صوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ترڪمانستان جي سفير انهن مخصوص قدمن سان گڏوگڏ ٻطرفن ??اڳ??پن جي مجموعي دائري ۽ سگهه کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.