اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري ??کندي، حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ، سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري ??ي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سميت اسمگلنگ جي ر??ڪٿام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ناڻي، توانائي ۽ ڪامرس وارن نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته خ??وصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي ٻن ڏينهن واري ??جلاس جو اڄ پهريون ڏينهن هو، ان اجلاس جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو. هن چيو ته خ??وصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ٽن وڏن مقصدن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اڄ ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۽ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، نجڪاري ??ي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي ر??ڪٿام سميت ٻين مسئلن تي غور ٿيو. هن چيو ته حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري ??ي حوالي سان رڪاوٽن کي ختم ڪ??و ويندو ۽ ويزا پاليسي ۾ به بهتري ??ندي ويندي. هن چيو ته اسمگلنگ جي ر??ڪٿام تي پڻ ڪم ڪيو پ??و وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري ??کندي. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل حڪومت جيڪي فيصلا ڪري وئي آهي، اسان جي قانوني راءِ اها ئي آهي ته اسان انهن تي عملدرآمد ڪنداسين. ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اجلاس جاري ??هي، اڄ پهريون ڏينهن هو، ان جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو، ان ۾ ٿيندڙ فيصلن جا سمورا تفصيل ميڊيا آڏو اچي ويندا.