اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي بي مثال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، چين ۽ پاڪستان سدابهار دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، پاڪ چين دوستي برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان صدر شڊي جن پنگ جي نظريي ۽ تصورن سان گڏ بيٺل آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ بجلي، رست?? جي انفراسٽرڪچر، پن بجلي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي س??ڙپڪاري ٿي آهي. چي?? جي نائب وزير هي لي فينگ جي سربراهي ۾ چي?? جي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستا?? جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم هائوس ۾ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 دستاويزن ۽ ياداشتن تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني وفد جي ڀرپور آجيان ڪندي چيو ته سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چي?? جي اعليٰ سطح جي وفد جي پاڪستا?? جي دوري تي هو چي?? جي قيادت جا ٿورائتا آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ کان 10 سال اڳ ان وقت جي وزيراعظم محم?? نواز شريف ۽ چي?? جي صدر شي جن پنگ سي پيڪ تي صحيحون ڪيون هيون ته معاهدي تي صحيح?? جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ ئي عملدرآمد شروع ٿيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ بجلي، رست?? جي ڍانچي، پن بجلي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي س??ڙپڪاري ٿي آهي. اڄ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کانپوءِ اسان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيا آهيون جنهن سان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ نئين ماڊل تحت اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته ٻئي مرحلي ۾ بزنس ٽو بزنس حڪمت عملي تحت زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. پاڪستان چي?? جي معاونت سان چيني معيار موجب روانگي واپار کي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم چيو ته هو چي?? جي صدر شي جن پنگ جو ٿورائتو آهي ته هن پاڪستان سان عوامي رابط?? جي فروغ لاءِ نائب وزيراعظم کي ??صوصي ايلچي طور پاڪستان موڪليو آهي. چيني صدر دنيا کي ڏيکاريو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي بي مثال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. چين ۽ پاڪستان سدابهار دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن. پاڪ چين دوستي برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان صدر شي جن پنگ جي نظريي ۽ تصورن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي اهم مصنوبا آهن ۽ اسان کي يقين آهي ته اهي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته قرباني سخت محنت ۽ ڪوششن سان پنهنجي پيرن تي بيهڻ چين ۽ چي?? جي صدر شي جن پنگ جو ماڊل آهي. اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چي?? جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ 6 مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب جو مشاهدو ڪيو. منصوبابندي، ترقي ۽ خوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ چي?? جي سڌارن ۽ ترقي واري قومي ڪميش?? جي وائيس چيئرمين سونگ ليان جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي آف سي پيڪ ۽ سي پيڪ فريم ورڪ ۾ اسپيشل ايڪسچينج آف مڪينزم جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري س??ڪريٽري ظفر حسن ۽ پاڪستان ۾ چي?? جي ناظم الامور فانگ چن سو??ئي چين کي ڳاڙهن مرچ?? جي برآمدات بابت دستاويز تي صحيحون ڪيون، اين ايڇ اي جي ميمبر پلانگن احسن امين ۽ پاڪستان ۾ چي?? جي ناظم الامور فانگ چن سو??ئي قراقرم هاءِ وي ري الائنمنٽ فيز ٽو جي حتمي فزيبلٽي اسٽڊي جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن انڊسٽريل ورڪر ايڪسچينج پروگرام ۽ ايم ايل ون منصوبي تي 21 هين ڪانفرنس جي فني ڪميٽي جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، واپار وارو وفاقي وزير سي?? نويد قمر، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کانسواءِ چيني وفد جا ميمبر پڻ شامل هئا. بعد ۾و زيراعظم چيني وفد جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.