اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي خيبر جي باڙه بازار ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گ??ري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪ??ي. ??زيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪ??ي. ??زيراعظم چيو ته پوليس اهلڪارن شڪي ماڻهو کي روڪي ۽ پنهنجي جانين تي کيڏي دهشتگردي جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پنهنجي جانين تي کيڏي عوام جي حفاظت يقيني بڻائين ٿا. وزيراعظم چيو ته م??ن سميت سڄي قوم پوليس جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.