اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي اڻٿڪ حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي جمهوريه چين جي ناظم الامور پانگ چنڪسو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 102 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي يڪجهتي، سالميت ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ??ميونسٽ پارٽي جي قيادت جي حمايت تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئرن برادرز ۽ پراڻا دوست هجڻ جي ناطي پاڪستان ۽ چين سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي جي اڻٿڪ حمايت ڪئي آهي. چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??ين جي قيادت جي پڪي عزم کي ساراهيو. پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اقتصادي ۽ مالياتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ ??ين جي حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي ترقياتي قدمن ۽ سي پيڪ تحت ترقياتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ??يو. پاڪستان جي لاءِ ??ين جي حڪومت پاران نيڪ خواهشن ۽ تعاون جو ذڪر ڪندي چين جي ناظم الامور ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان چين جو سدابهار اسٽريٽجڪ حصيدار ۽ هر آزمائش تي پورو لهندڙ دوست آهي. هن چيو ته چين جي حڪومت ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏ??هي پاليسي ۾ پاڪستان جو خصوصي مقام آهي ۽ اسان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي) بابت پهرين اعليٰ سط??ي فورم ۾ ورچوئل شرڪت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيني ناظم الامور ٻنهي ملڪن جي قيادت جي تصور موجب پاڪستان ۾ جي ڊي آئي جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ ??ين جي عزم جو اظهار ??يو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ اهم منصوبو آهي ۽ چين جي قيادت سي پيڪ کي بي آر آئي جي اعليٰ معيار جي منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين پاڪستان کي هڪ اهم اقتصادي حصيدار سمجهي ٿو ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.