اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر پروگرام اڪبر ملڪ جي لاڏاڻي تي گهر?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن ??ڪبر ملڪ جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي قومي ٽي وي جي لاءِ خدمتن تي اڪبر ملڪ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اڪبر ملڪ هڪ پروفيشنل، هر ??نهن ??ان شفقت ۽ احترام سان ملندڙ شخصيت هئي، هو اداري ۾ پنهنجي پيشيواراڻي اهليت جي اعليٰ معيار جي ڪري سڃاتو ويندو هو، ان جو لاڏاڻو قومي اداري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي.