ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي ??ي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽوڪيو ۾ جاپا??ي وزيراعظم فوميو ڪيشيڊا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ هن جاپا??ي وزيراعظم جي لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاپاني هم منصب يوش??ما??ا حياشي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪا??فرنس کي خطاب ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.