اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي تر??ي ب??وچستان جي تر??ي سان مشروط آهي، حڪومت بلوچستان ۾ سي پيڪ جي تر??ياتي منصوبن تي ترجيحي ب??يادن تي ڪم ڪري رهي آهي، بلوچستان جو اصل اثاثو با??لاحيت بلوچ نوجوان آهن، حڪومت بلوچستان جي نوجو??نن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ ليپ ٽاپس فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خان مندوخيل جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي 8 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جمال شاهه ڪاڪڙ، سردار يعقوب ناصر، آغا شاهه زيب دراني، عامر افضل مندوخيل، چوڌري نعيم، نصير اچڪزئي ۽ ظهير خان ڪاڪڙ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ خصوصي منصوبا شامل ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.