اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان سان ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس رابطن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو هدف آهي، ترجيحي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاو?? جي فروغ جي لاءِ آذربائيجا?? جي قيادت سان ڳا??هه ٻو??هه ڪندس. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آذربائيجا?? جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي هو آذربائيجا?? جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، هي دورو ٻطرفي تعا??ن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار حصيداري جي اسا?? جي حڪومت جي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راه??ن کولڻ جي لاءِ آذربائيجا?? جي قيادت سان اهم ڳا??هه ٻو??هه ٿيندي. هن چيو ته بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو بنيادي هدف آهي. هن چيو ته اسا?? جي توانائي جي تحفظ جي پاليسي ۾ وچ ايشيا مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جي لاءِ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.