اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 جون تي انقره ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف بر??ار?? جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب کيس ان دوري جي دعوت ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ڏني آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ هوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 مئي 2023ع تي رجب طيب اردوان جي ترڪيه جي صدارت جي لاءِ ٻيهر چ??نڊ??ڻ تي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران مبارڪباد ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ وزيراعظم صدر اردوان کي اس??ام آباد ۾ اعليٰ سطحي اس??ريٽج?? ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي تي ٻڌل آهن ?? اهي گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي هم آهنگي سان مضبوط ٿين ٿا. اعليٰ قيادت جي سطح تي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ڳانڍاپي جو نمايان رخ آهي.