پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 مئي جي دل ڏکوئيندڙ واقعن پاڪستاني عوام کي غمگين ڪيو، 9 مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۽ وطن دشمنن ۾ ڪو فرق نه آهي، انهن شرپسندن کي قانون ۽ انصاف موجب سزا ضرور ملندي ته جيئن ڪير ٻيهر اهڙي جرئت نه ڪري سگهي، تاريخي ۽ قومي ورث?? کي ساڙي ڇڏڻ حب الوطني نه آهي، ريڊيو پاڪس??ان جي مل??زمن جي حوصل?? کي داد ڏيان ٿو، اطلاعات واري وزير ريديو پاڪس??ان جي متاثر عمارت جي فوري بحالي جي لاءِ قدم کڻي. هو ريڊيو پاڪس??ان پشاور جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڊي جي ريڊيو پاڪس??ان طاهر حسن پڻ خطاب ڪيو ۽ ريڊيو پاڪس??ان جي 9 ۽ 10 مئي تي شرپسندن جي هٿان پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير، اعظم خان، وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، اسحاق ڊار، احسن اقبال، صلاحڪار امير مقام ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڀ ريڊيو پاڪس??ان جي تاريخي عمارت کي ڏسي ڏکويل آهيون. هن عمارت ۾ پاڪس??ان ٺهڻ کان اڳ ريڊيو جو سيٽ اپ موجود هو ۽ ه??ان ئي لاهور وانگر 13 ۽ 14 آگسٽ 1947ع جي وچ واري رات آزادي جون صدائون بلند ٿيون ۽ پوري دنيا کي ان تاريخي مرڪز ??ان قائداعظم جي عظيم جديد ۽ لکين مسلمانن جي قربانين جي نتيجي ۾ پاڪس??ان جي وجود ۾ اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئي. 9 ۽ 10 مئي دوران جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا انهن پاڪس??ان ۾ رهندڙ 23 ڪروڙ عوام کي شديد دلي صدمو پهچايو ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ سڄي پاڪس??ان ۾ ڏٺي وئي. هن چيو ته جنهن سينٽر ??ان پاڪس??ان ٺهڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئي ان کي راک جو ڍير بڻائي ڇڏڻ، ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني نه ٿي ٿي سگهي. ان سان گڏ چاغي جي يادگار کي تباهه ڪيو ويو، يادگار پاڪس??ان جي دفاعي طاقت جو شاهڪار هو جنهن جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي ۽ ان جي انتها 28 مئي 1998ع تي ٿي. ان دوران سمورين حڪومتن ان عظيم دفاعي پروگرام جي لاءِ پنهنجو حصو وڌو. وسيلا ۽ توانائيون مهيا ڪيون. هڪ عزم سان ان منصوب?? کي مڪمل ڪيو ۽ انهن سمورين گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪس??ان ائٽمي طاقت بڻيو ۽ قيامت تائين دشمن پاڪس??ان طرف ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي. ان يادگار کي تباهه ڪيو ويو. اها ملڪ دشمني آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪس??ان پشاور ??ان پاڪس??ان جي خوشخبري ٻڌائيندڙ ظهور اظهر، مصطفيٰ همداني جهڙا ماڻهو تاريخ جي ورقن ۾ سدائين ياد رکيا ويندا. هتي موجود آرڪائيوز کي ساڙيو ويو. دنيا پنهنجي سڃاڻپ ۽ تاريخي ورثن کي جان کان به وڌيڪ ويجهو رکي ٿي ته جيئن ايندڙ نسلون ان مان فيض ياب ٿين ۽ هتي ان ورث?? کي ساڙيو ويو. ڪاش اها ڊيجيٽائيز ٿي چڪي هجي پر وقت ساٿ نه ڏنو. صوة القرآن جو حصو بچي ويو جنهن تي الله جا شڪرگزار آهيون. هن چيو ته 100 سالا رڪارڊ جو تباهه ٿيڻ افسوسناڪ آهي. هن اداري جي مل??زمن جي حوصل?? کي داد ڏيان ٿو. عبدالله ۽ نصير جهڙي طرح شرپسندن کي روڪيندي زخمي ٿيا انهن جي جرئت ۽ بهادر?? کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان جي هٿياربند فوج ۽ عام شهرين سدائين پاڪس??ان جي حفاظت ڪئي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي فوري طور تي مل??زمن جي پگهارن جي ادائيگين جا حڪم جاري ڪيا جنهن جو انتظام اڄ ئي ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ان جو دورو نمائشي نه آهي. ان دل ڏکوئيندڙ واقعن کانپوءِ اسان کي اندازو ٿيڻ گهرجي ته جن ماڻهن اهو انتهائي شرمناڪ ڪم ڪيو انهن ۾ ۽ دهشتگردن ۽ پاڪس??ان جي دشمنن ۾ ڪو فرق نه آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اهو وچن ڪريون ٿا ته اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ ڏينداسين. دشمن به ايتري جرئت نه ٿو ڪري سگهي. ان شرپسندي ۾ ملوث عنصرن کي قانون موجب ضرور سزا ملندي. وزيراعظم اطلاعات واري وزير کي چيو ته هو ريڊيو جي عمارت جي مرمت جو ڪم فوري شروع ڪرائي ته جيئن هي ادارو ٻيهر پاڪس??ان ۽ سڄي دنيا ۾ اسان جي عزم ۽ ولولي جو ذڪر ڪري سگهي ته مشڪلاتن جي باوجود اسان قائداعظم جي پاڪس??ان جو خواب ضرور پورو ڪنداسين.