اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب زلمي خليل ??اد جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان سان آمريڪي سازش ۽ امپورٽيڊ رجيم جي اصليت سامهون اچي وئي آهي، جيوش لابي پنهنجو ڪـٺ پتلي بچائڻ جي لاءِ سامهون اچي ??ڪي آهي، فارن فنڊنگ جي ڏوهاري جا هينڊلرز سامهون ايندا پيا وڃن، فارن فنڊنگ جو نيڪسس بي نقاب ٿي ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته فارن ايجنٽ ڪير آهي، ثابت ٿي ويو. توهان کي ڪٺ پتلي چا?? سال انساني حقن جون بدترين پائماليون ڪيون، توهان جي ڪٺ پتلي ميڊيا پريڊيٽر بڻجي ??ڪي آهي. هن عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو ڪٺ پتل?? پاڪستان ۾ مالياتي، سياسي ۽ سفارتي تباهي جو ذميوار آهي، عالمي لابسٽ پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي لاءِ متحرڪ ٿي ويا آهن، اهو ٽوئيٽ انهي منصوبي جي ڪڙيءَ آهي.