ويلنيئس – 21 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پرڏيهي و??ير گيبريلس لئنڊسبرگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي و??يرن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ليٿوانيا جي پرڏيهي و??ير گيبريلس لئنڊسبرگ ٻطرفي مشاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون.
پرڏيهي و??ير ليٿوانيا جي گادي و??ري شهر ولنيئس جي تاريخي دوري تي آهي، اهو ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي و??ير پاران بالٽڪ علائقي جو پهريون دورو آهي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پارليامينٽ جو دورو ڪيو ۽ ليٿوانيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانيون قربان ڪندڙن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.
پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي و??ير ليٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر وڪٽوريا سميليتي نيلسن سان پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري عوامي رابطن کي فروغ ڏي?? جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت کي و??جايو.
پرڏيهي و??ير ليٿوانيا جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري و??ير ماريئس اسڪوڊيس سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي و??يرن ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.