اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زل??لي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زي??ن تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ڊاڪٽرن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون ??ڃن?? تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس به ترڪيه ج?? صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، مون ترڪيه ۾ زل??لي جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقص??ن تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، مون کيس چيو آهي ته پاڪست??ن مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي هر قسم جي مدد جي لاءِ گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽرن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ مدد جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون ??ڃن?? تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو.