اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پش??ور حملي کانپوءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، اهو حمل?? پاڪستان تي حملي کان گهٽ نه آهي، دهشتگردي اسان جي قومي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستاني قوم جي عزم کي اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان ڪمزور نٿو ڪر?? سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هينئر پش??ور کان واپس آيو آهيان، انساني المي?? جو ڪاٿو ناقابل تصور آهي، اه?? پاڪستان تي حملي کان گهٽ نه آهي، قوم ڏک جي احساس ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دهشتگردي اسان جي قومي سلامت?? جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي درد کي لفظن ۾ ٻڌائي نٿو سگهجي پر آئون دلي تعزيت ۽ انتهائي اخلاص سان انهن سان همدرد?? جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ جي ان ڪڌي واقعي جي ذميوارن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي ته توهان پاڪستان جي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪر?? سگهو.