اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف آمر??ڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان آمر??ڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آمر??ڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي جنيوا ۾ تازو ئي منعقد ٿيندڙ ريزيليئنٽ پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنس سميت ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ آمر??ڪا جي مسلسل حمايت تي ٿ??را مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان آمر??ڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. هن پاڪستان جي آمر??ڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمر??ڪا ٻوڏ کان بحالي سان گڏوگڏ معاشي ترقي ۽ سڌارن جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.