اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهي?? ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي شهي??ن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 ڊسمبر تي ميران شاهه ۾ خودڪش حملي ۾ شهي?? ٿيندڙ حوالدار محمد عامر، 4 ڊسمبر تي اتر وزيرستان ۾ شهي?? ٿيندڙ سپاهي ناصر خان ۽ 26 نومبر تي لڪي مروت ۾ شهي?? ٿيندڙ نائب صوبيدار قاسم خان ۽ حوالدار محمد چنگيز چغتائي جي پونيئرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تعزيت ڪئي. هن 30 نومبر تي اتر وزيرستان ۾ شهي?? ٿيندڙ حوالدار پروش خان جي والده پڻ سان فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهي??ن کي انهن جي خدمتن تي خراج تحسين ۽ ملڪ جي لاءِ جان قربان ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.