ڊيره اسما??يل خان – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسما??يل خان سميت ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جو پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ?? وزيراعظم ڊيره اسما??يل خان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم چشما رائٽ بينڪ ڪينال جي بحالي، چشما رائيٽ بينڪ ڪينال لفٽ گهٽ گريوٽي ۽ چشما هائيڊل پاور پراجيڪٽ، ٽانڪ زام ڊيم، سي پيڪ جي اولهندي روٽ / موٽروي يارڪ – سگو سيڪشن ۽ گومل يونيورسٽي پهاڙپور ڪئمپس جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم عبدالخيل 132 ڪي وي ۽ بند ڪورائي 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشنز، پيزو کان ٽانڪ روڊ ۽ ڊيره اسما??يل خان باءِ پاس جي بحالي، تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيل رستن جي بحالي جي ڪم جو پڻ ??فت??اح ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سميت اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ علائقي جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.