اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته 16 ڊسمبر دهشتگردي خلاف پوري پاڪستان جو آواز هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، سالن کانپوءِ به ڏک ??هي جيڪو وسرجي نه ٿو. اي پي ايس سانحي جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هر سال 16 ڊسمبر جو ڏينهن پوري قوم کي ان عذاب ۽ ڏک جي ياد ڏياري ٿو جڏهن دهشتگردن اي پي ايس پشاور ۾ ظلم جو داستان لکيو. سالن کانپوءِ به ڏک ??هي جيڪو وسارجي نه ٿو. اڄ اي پي ايس سانحي جي شهيدن سان عقيدت ۽ انهن جي پونئيرن جو ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، 16 ڊسمبر دهشتگردي جي خلاف پوري پاڪستان جو هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن پوري دنيا جي لاءِ پيغام ??هي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان جي اها جدوجهد جاري ??هي جيڪا ان لعنت جي مڪمل خاتمي تائين انهي مضبوط ارادي ۽ ثابت قدمي سان جاري رهندي.