اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي مد?? جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اهو ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت علائقائي ڊائريڪٽر جان اي روم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به موجود هو. وفاقي وزير عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان جي مسلسل مد?? جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته 1950 کان وٺي هن وقت تا??ين عالمي بئنڪ پاڪستان کي 31.1 ارب ڊالر جي مالي مد?? فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي مد?? جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هي ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير تا??ي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ عالمي بئنڪ جي مد?? کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙي ۾ عالمي بئنڪ جي مد?? کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته هن وقت عالمي بئنڪ بنيادي ڍانچي، ??راعت، ٻهراڙي ۽ شهري ترقي، ??نساني سرمائي، ??ماجي خدمتن ۽ پائيدار واڌ ۾ پاڪستان جي مد?? ڪري رهيو آهي. عالمي بئنڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر اقتصادي معاملن واري وزارت جي موثر ۽ فعال ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي مستقبل جي منصوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. هن انهن منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد لاءِ رابطاڪاري کي موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پنهنجي طريقيڪار کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ??ن ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اقتصادي معاملن واري وزارت صرف معاهدن تي صحيحون نه ڪري پر انهن معاهدن تي تيزي سان عملدرآمد کي به يقيني بڻائي. اقتصادي معاملن واري وزارت ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي رهي آهي ته منصوبن جي موثر نگراني ٿئي ۽ فنڊن جو موثر ۽ بهتر استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته غير ملڪي مد?? سان هلندڙ منصوبن جي نگراني لاءِ رابطاڪاري جي ڏس ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو قيام عمل ۾ اندو ويو آهي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته دير جو شڪار منصوبن تي تيزي سان اڳڀرائي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته ان مقصد لاءِ وزارت ۾ طريقيڪار جوڙي ورتو آهي. سيڪريٽري ٻڌايو ته منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي حوالي سان اقتصادي معاملن واري وزارت جي ٽيم عالمي بئنڪ جي ٽيم سان موثر رابطي ۾ آهي.