نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي ??ي 77 هين اجلاس جي موقعي تي سي او پي 27 جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيه?? وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سمورين قومن ۽ ماڻهن ج?? لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، ان جا اثر واضح ۽ شديد ٿيندا پيا وڃن ج??هن ج?? اظهار پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مان ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن ج?? اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ حصي جي باوجود پاڪستان کي گرمي جي لهرن، برطانوي طوفان، سوڪهڙي، طوفاني برساتن ۽ شديد چوماسي جي صورت ۾ قدرتي آفتون درپيش آهن ج??هن ج?? نتيجي ۾ پاڪستان کي انساني جانين ج?? زيان کانسواءِ معاشي نقصان درپيش آهي. پرڏيه?? وزير پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان جاني ۽ معيشت کي نقصانن سان گڏوگڏ اهم انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. پرڏيه?? وزير هلندڙ مهيني جي شروع ۾ پاڪستان سان يڪجه??ي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان ج?? دوري تي سندس ٿو??ا مڃيا ۽ مختلف ملڪن ج?? اڳواڻن پاران ملاقات دوران اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيو.