پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چي?? آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي بحالي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پيسڪو عملدارن سان ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثر بجلي جي نظام جي بحاليءَ جي حوالي س??ن اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي ٻوڏ سبب بجلي انفراسٽرڪچر کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هتي دؤرو ڪري رهي?? آهيان. اجلاس ۾ پيسڪو چيف محمد جباز خان، چيف ايگزيڪيوٽو، پيسڪو عملدارن کانسواءِ لوئر دير ضلعي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پيسڪو عملدارن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته پشاور سرڪل ۾ 4 فيڊرز متاثر ٿيا، جنهن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ترناب، ابزئي ۽ـ گل ??يله 2-1 مڪمل طور تي فعال آهي، پيسڪو عملدارن ٻُڌايو ته صوبي ۾ سوات سرڪل سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جتي 3 گرڊ اسٽيشن مدين، مٽه ۽ منڊا کي ڪافي نقصان پهت?? آهي جنهن سان بجلي جي رسد بند آهي. پيسڪو عملدار مطابق انهن گرڊز جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي ۽ 12 سيپٽمب تائين مڪمل ڪيو ويندو. پيسڪو عملدارن وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته نوشهره ۽ـ چارسده ضلعي ۾ متاثر فيڊرز ۽ ٽرانسميشن لائنز جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. وفاقي وزير پيسڪو عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته صوبي ۾ بجلي جي نظام جي بحاليءَ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ وزارت طرفان بحالي آپريشن جي نگرانيءَ لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري عالم زيب کي مقرر ڪيو وي?? آهي.