سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۽ ??نظ??من قائد حريت سيد علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ا?? جي مشن کي منطقي ا??جام تائين پهچائڻ جي ڪشميرين جي ع??م کي ورجايو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي ا??نگن موجب حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق سرينگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ سيد علي گيلاني جي ڪردار ۽ عزم ۽ استقلال کي ڪشميري عوام سدائين ياد رکندي. ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جنهن جي سربراهي غيرقانوني طور تي نظربند حريت اڳواڻ شبير احمد شاهه ڪري رهيو آهي، سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ سيد علي گيلاني جو بي مثال ۽ شاندار ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو، ڪشمير ڪاز جي لاءِ بزرگ اڳواڻ جي اڻٿڪ خدمتن کي ڪشمير جي تاريخ ۾ ڊگهي ع??صي تائين ياد رکيو ويندو، سيد علي گيلاني هڪ ارڏو اڳواڻ هو جنهن ڪشمير تڪرار تي اصولي موقف اختيار ڪيو، بي آواز ڪشميرين جو آواز بڻيو ۽ پنهنجي نظريي تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزا?? ڪشمير شاخ جي اڳواڻن مشتاق احمد، سيد منظور احمد شاهه، سيد اعجاز رحماني ۽ راجا شاهين اسلام آباد ۾ جاري پنهنجي ب??ان?? ۾ چيو آهي ته سيد علي گيلاني ع??م ۽ حوصلي جو پيڪر ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف ثابت قدمي جي علامت هو، سيد علي گيلاني هڪ شخص جو نالو نه پر هڪ نظريي ۽ تحريڪ جو نالو آهي، سندس جدوجهد، جرئت ۽ قربانيون دنيا جي ا??هن مظلوم ۽ ڪمزور قومن کي حوصلو بخشنديون رهنديون جن جي آزادي وڏن ملڪن کسي ورتي آهي، سيد علي گيلاني جو مشن ۽ نظريو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو.