اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪرغزستان جي نائب پرڏيهي وزير ارتڪ بائيو ايبڪ ??خت??روچ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏ??ل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان تاريخ ۽ ثقافت جي انمو?? رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان جو سامونڊي رستو و?? ايشيائي رياستن جي واپار ۾ فروغ جي لاءِ وڌيڪ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي واپار ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪرغزستان ۾ هزارين پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، عوامي سطح تي رابطن کي سياحتي ۽ ثقافتي ڏس ۾ وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي.