اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪبا?? ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سالگرهه مبارڪ، رڳو 75 سالا تاريخ ۾ تمام وڏي فخر جي قابل، تمام وڌي خوشي جي قابل، توهان جو عظيم ثقافتي ورثو، بي مثال ۽ خوش ذائقه خوراڪ ۽ قدرتي منظرن سان ڀرپور خطو فخر جو??و آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪميشن پاران جاري پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هاءِ ڪمشنر چيو ته منهنجي لاءِ هتان جو سڀ کان قيمتي اثاثو پيار ۽ محبت ڪندڙ عوام آهي جيڪا سدائين مسڪرائيندي السلام عليڪم چوي ٿي. هن چيو ته آسٽريليا انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جن 1947ع ۾ پاڪستان کي تسليم ڪيو، اسا?? جي عوامي رابط?? جي تاريخ 18 هين صدي تائين پکڙيل آهي جڏهن بلوچستان مان اٺن جا واپاري اسا?? جي ملڪ ۾ صحرائن تان ساما?? جي پهچ لاءِ انتهائي اهم هئا. هن چيو ته هن وقت اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني آسٽريليا کي پنهنجو ملڪ چون ٿا ۽ اهي اسا?? جي بين الثقافتي معاشرن ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪر?? رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان هزارين پاڪستاني شاگرد?? جي ميزباني ڪر?? رهيا آهيو?? جيڪي اسا?? جي عظيم شهرن ۽ عالمي معيار جي يونيورسٽين مان فائدو کڻي رهيا آهن. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته آئون توهان سڀني کي همت، اميد ۽ اعتماد جو پيغام ڏيان ٿو، اچو گڏجي هڪ منظم طريقي سان پنهنجي وسيلن مان فائدو کڻي مسئلن کي دفن ڪر?? سگهون ته جيئن اسان جو شمار دنيا جي عظيم قومن ۾ ڪيو وڃي.