اس??ام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي عوام?? لاڳاپن واري شعبي پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي (ڊا??منڊ جوبلي) جي مناسبت سان ملي نغمو جاري ڪيو آهي. نغمي ۾ پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي جيڪي ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت چوڪس ۽ تيار آهن. نغمي ۾ ان ڳالهه کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي ته پاڪ فضائيه پنهنجي آپريشنل صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافي ج?? لاءِ جدت ۽ خودانحصاري طرف گامزن آهي.