لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊ??نٽ?? سائنسز لا??ور جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ جاري ??عم??راتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي به ساڻس گڏ هو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اسپتال جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر وحيد، صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اسپتال ۾ جاري ??عم??راتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ان پراجيڪٽ جي لاءِ 100 ڪينالن تي ٻڌل ڊ??نٽ?? اسپتال جي لاءِ 2005ع ۾ زمين خريد ڪئي وئي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر وحيد ٻڌايو ته اسپتال جي ??عم??راتي ڪمن جي شروعات 2010ع ۾ ٿي. هن ٻڌايو ته هن وقت ان پراجيڪٽ جي لاڳت جو ??اٿ?? 347.358 ملين لڳايو ويو هو، جڏهن ته 30 جون 2022ع تائين ان منصوبي تي 673.390 ملين خرچ ڪيا ويا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد ٻڌايو ته ٿري ڊي اسپتال جديد اوزارن ۽ سهولتن سان ليس هوندي ۽ ان کي تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسپتال ۾ جاري ??عم??راتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان جديد ٿري ڊي اسپتال جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهي.