اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڀارت جي غير??ان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي غير??ان??ني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان دوران ڀارت والاريل علائقي ۾ غير??ان??ني آب??دي??تي تبديلين سميت وڏي پئماني تي غير??ان??ني قدم کنيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جا غير??ان??ني قدم نه ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام ج?? خودمختياري جي ح?? کي متاثر ڪري سگهن ٿا. جنرل سيڪريٽريٽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي سربراهي اجلاس ۽ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي قراردادن جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي ح?? کي حاصل ڪرڻ ۾ او آءِ سي جي يڪجهتي کي ورجايو. بيان ۾ ڪشميرين جي بنيادي آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ ڪيل سمورن غير??ان??ني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جنرل سيڪريٽريٽ عالمي برادري کان مطالبو ڪي وآهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي.